تحفة الاسلام

تحفة الاسلام (ڪتاب ):هيءُ ڪتاب پنجن حصن ۾، سنڌ جي مشهور عالم مولوي محمد عثمان نورنگزادي جو لکيل آهي، جيڪو لاهور ۽ سنڌ جي جدا جدا پريسن مان ڪيترائي ڀيرا ڇپيو آهي. دستياب ڇاپن جو تفصيل هيٺينءَ طرح آهي: پهريون ڇاپو، (5 ڀاڱا) لاهور جي اسلاميه پريس مان 1889ع ۾ ڇپيو، جيڪو ڊبل ڪرائون سائيز ۽ 30 صفحن تي مشتمل هو. ڪتاب جا پنج ئي ڀاڱا ٻيو دفعو 1899ع ۾ لاهور مان ڇپيا، جيڪي سنڌ مدرسه بورڊ ڪراچيءَ طرفان ڇپايا ويا هئا. ان کان پوءِ، اهي پنج ڀاڱا، سنڌ جي جدا جدا پريسن ۾ 1925ع کان 1927ع تائين واري وقت ۾ ڇپيا رهيا. بعد ۾ هڪ ڀيرو مولوي محمد عظيم شڪارپوريءَ، پهريون ڀاڱو دين محمد پريس، ڪراچيءَ، مان ڇپايو ويو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، رايل سائيز ۾، پوڪرداس، شڪارپور مان 1923ع ۾ ڇپايو. ڪتاب تحفة الاسلام، درسي ڪتاب طور، سنڌ مدرسة الاسلام ڪراچيءَ جي فقهه جي نصابي مقصدن کي پوري ڪرڻ لاءِ لکيو ويو هو، جنهن کي مدرسي جي ستن ڪلاسن جي پيش نظر، ستن حصن ۾ ورهايو ويو هو. هن ڪتاب جا پنج ئي حصا، سنڌ يونيورسٽيءَ جي مرڪزي لئبرريءَ جي اوريئنٽل حصي ۾ موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو